نيپرا ڪراچي لاءِ بجلي 2 رپيا 87 پئسا مهانگي ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪراچي واسين لاءِ بجلي وڌيڪ مهانگي ڪري ڇڏي. ٽي ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي ٽيرف ۾ 2 روپيا 87 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي وئي آهي. بجليءَ جي قيمت ۾ واڌ جنوري کان مارچ 2023ع جي ايڊجسٽمينٽ لاءِ ڪئي وئي آهي، اضافي سان ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي 9 ارب رپين جو بار پوندو.ڪي اليڪٽرڪ لاءِ بجلي جي اگھن ۾ واڌ جو فيصلو نيپرا وفاقي حڪومت کي موڪلي ڇڏيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو