نيپرا هڪ روپيو 83 پيسا في يونٽ بجلي مهانگي ڪري ڇڏي

اسلام آباد (اياز مهر) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي يعني نيپرا 1.83 روپيا في يونت بجلي مهانگي ڪرڻ بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. هي واڌ سيپٽمبر ۾ ٿيل تيل جي اگهن جي واڌ واري فرق سبب ڪئي وئي آهي جنهن سان 24 ارب روپين جي آمدني واپڊا جي بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپنين کي ٿيندي. نوٽيفڪيشن اڱاري تي جاري ڪيو ويو هو جيڪو اڄ ميڊيا کي مليو آهي. واڌو اگهه صارفين کي ڊسمبر جي بل ۾ ادا ڪرڻا پوندا. هي واڌ ماهوار 50 يونٽ استعمال ڪندڙ صارفين ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين تي لاڳو نه ٿيندي. سينٽرل پاور پرچيزنگ ڪمپني 2.97 روپيا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي هئي پر نيپرا 1.83 روپيا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏني. ياد رهي ته سيپٽمبر ۾ پيد ٿيل بجلي ۾ هائيڊل بجلي جو حصو 37 ۽ ڪوئلي تي پيدا ٿيندڙ بجلي جو حصو 16.39 سيڪڙو هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو