نيپرا جي عجيب منطق، بجلي گهٽ استعمال ٿيندي، ايتري قيمت وڌندي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيپرا نومبر جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي 4 رپيا 66 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي جي درخواست تي ٻڌڻي مڪمل ڪري ورتي. نيپرا ڊيٽا جي وڌيڪ جاچ کانپوءِ تفصيلي فيصلو ۽ نوٽيفڪيشن جاري ڪندي، واڌ سان سيلز ٽيڪس سميت واهپيدارن تي 40 ارب رپين جو واڌو بار پوندو. نومبر جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي مهانگي ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي نيپرا چيئرمين وسيم مختار جي صدارت هيٺ ٿي. ٻڌڻي دوران اين ٽي ڊي سي اختيارين چيو ته بجلي ڪمپنيون پنهنجي مرمتي ڪمن سبب لوڊشيڊنگ ڪري رهيون آهن. سي پي پي اي اختيارين ٻڌايو ته بجلي جي قيمت ۾ هن مهيني 2 رپين 12 پئسن جي اڳوڻي ايڊجسٽمينٽ گهري آهي، مقامي ڪوئلي وارا پلانٽ شيڊيولڊ مينٽيننس تي آهن ۽ هن وقت رڳو فرنس آئل وارن پلانٽن سان بجلي پيدا ڪري رهيا آهيون. نيپرا چيئرمين چيو ته ريفرنس جي مقابلي ۾ بجلي جي طلب گهٽ هجي ته قيمت وڌي ويندي آهي، گروٿ ۾ 13 سيڪڙو گهٽتائي سان ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ ۽ ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ وڌندي.نيپرا اٿارٽي سي پي پي اي کان 6 مهينن جي پروجيڪشن گهري ورتي آهي ۽ چيو ته موجوده صورتحال مان نڪرڻ لاءِ ڪا نه ڪا حڪمت عملي جوڙڻي پوندي. نيپرا ميمبر رفيق شيخ چيو ته پلانٽن جي بندش جي حوالي سان اسان ڪا منصوبابندي نٿا ڪري سگهون، اوور بلنگ جي معاملي تي بجلي ڪمپنين کان وضاحت گهري آهي، اسان بجلي واهپيدارن کي مڪمل رليف ڏيارينداسين ۽ اوور بلنگ جي حوالي سان پنهنجو ڪم جاري رکنداسين، واڌو بلن جي معاملي تي پاور ڊويزن جو پنهنجو ۽ اسان جو پنهنجو ڪم آهي، اسان کي پنهنجي ڪم کان ڪير نٿو روڪي سگهي. نيپرا ميمبر مطهر نياز راڻا چيو ته جيتري گهٽ بجلي استعمال ٿيندي، ايتري ئي قيمت وڌندي. نيپرا اختيارين ٻڌايو ته اين ٽي ڊي سي جا ٽاور ڪِرڻ تي اين ٽي ڊي سي کي شوڪاز جاري ڪيو ويو، جڏهن ته نيپرا ميمبر رفيق شيخ چيو ته بجلي ڪمپنين کي 6 کان 8 مهينن ۾ 15 کان 25 شوڪاز جاري ڪري چڪا آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو