نيٺ شهباز جي لاهور هاءِ ڪورٽ ضمانت منظور ڪري ڇڏي

نيٺ شهباز جي لاهور هاءِ ڪورٽ ضمانت منظور ڪري ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ قومي اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ميان شهباز شريف جي ضمانت اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتي آهي. جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ جوڙيل بينچ سردار سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس جاصيد گهرال به شامل هئا. ياد رهي ته 13 اپريل تي جسٽس ڊوگر ۽ جسٽس گهرال ۾ اختلاف سبب معاملو چيف جسٽس کي موڪليو ويو هو. جسٽس ڊوگر ضمانت منظور ڪرن ۽ جسٽس گهرال مخالفت ڪئي هئي. مني لانڊرنگ ۽ آمدن کان وڌيڪ اثاثن وارن ٻنهي ڪيسن ۾ 50 پنجاهه لک جا ٻه مچلڪا جمع ڪرائڻ عيوض ضمانت منظور ڪئي وئي. شهباز شريف کي 28 سيپٽمبر 202 تي لاهور هاءِ ڪورٽ پاران مني لانڊرنگ ڪيس ۾ عبوري ضمانت ۾ واڌ جي درخواست رد ٿيڻ بعد نيب گرفتار ڪيو هو. سندس وڪيل سينيٽر اعظم تارڙ چيو ته شهباز شريف جي عمر 70 سال آهي، هو مختلف بيمارين ۾ مبتلا آهي ۽ نيب کي جيڪا پڇا ڳاڇا ڪرڻي هئي اها ڪري چڪي آهي ۽ کيس جيل ۾ رکڻ جو ڪو جواز ناهي. نيب جي وڪيل فيصل بخاري ضمانت جي مخالفت ڪئي. هن چيو ته رمضان شگر ملز شهباز شريف ۽ چوڌري شگر ملز نواز شريف جي حصي ۾ آئي. 1990 ۾ شهباز جا اثاثه هڪ ڪروڙ 65 لک جا هئا جيڪي 2018 ۾ 7 ارب 32 ڪروڙ ٿي ويا. هن جا 9 بي نامي کاتا به آهن. شهباز شريف چوي ٿو 12 ڪروڙ 40 لک هن منافعو ڪمايو پر اهو نٿو ٻڌائي ته ڪٿان ڪمايو ڪهڙو ڪاروبار ڪيو؟ هنن جون پرڏيهه مان ٽي ٽيز اچن ٿيون جيڪي سندس گهرواري کي ڏين ٿا باقي هن جي ڪمائي جو ٻيو ڪو وسيلو ناهي. سندس اڪائونٽ ۾ 29 ڪروڙ 90 لک آهن جنهن جو ڪو ڪاروبار ناهي.عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد شهباز شريف جي ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو