نينگر سان مبينا زيادتي ڪندڙ وڏيري جو پٽ گرفتار

جاتي (محمد صديق ٻارڻ ) يونين ڪائونسل گل محمد ٻارڻ جي زميندار حسن جت جي پٽ عبدالستار جت پاران هاري تاڙي باگڙي جي 6 سالن جي معصوم پٽ ارجن سان جنسي زيادتي ڪرڻ بعد جهنگ ۾ اڇلائي فرار ٿي ويو هو. جڏهن ته مائٽن پاران ارجن جي ڳولا ڪرڻ بعد ڪپڙن کان آجو بيهوشي واري حالت ۾ ڏسي تعلقه اسپتال جاتي آندو جتي ڊاڪٽر غلام قادر ترڪ پاران جنسي زيادتي جي تصديق ڪئي وئي ۽ معصوم ٻار کي هوش اچڻ کان پوءِ ارجن ٻڌايو ته مون کي عبدالستار جت ماريو آهي انهي دوران سندس والدين ٻارڻ پوليس کي اطلاع ڏنو ۽ جاتي پريس ڪلب صحافين پاران سوشل ميڊيا تي خبرون هلائڻ کان پوءِ ايس ايس پي سجاول سهائي عزيز نوٽيس وٺي ايس ايڇ او جاتي گل محمد ڪاتيار  کي حڪم ڪيو ۽ ايس ايڇ او پوليس ساڻ ڪري ڇاپو هڻي ڳوٺ حسن جت مان وحشي صفت جوابدار کي گرفتار ڪري والد جي فرياد تي ايف آئي آر داخل ڪري ڇڏي آهي. هوڏانهن جنسي زيادتي جو شڪار ٿيل معصوم نينگر جي پيءَ تاڙي باگڙي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جوابدار جي والد اسان کي 2 لک ڏئي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو آهي ۽ ايس ايڇ او جاتي گل محمد محمد ڪاتيار اسان کي تحفظ ڏيڻ جو يقين ڏياريو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو