نينگري گهمڻ ڦرڻ کان لاچار، وارثن پاران پوليو جو شڪ

نارو( ن س) چونڊڪو شهر جي نارا پمپ واري محلي  ۾ 5 سالا معصوم نينگري حسن نارخ ڌيءُ گلنواز خان پٺاڻ جا ٻئي پير ۽  ڄنگهون ڦري ويون آهن جنهن سبب معصوم نياڻي گهمڻ ڦرڻ کان لاچار بڻيل آهي. ان سلسلي ۾ نينگري جي وارثن گلنواز خان پٺاڻ، سعيد خان پٺاڻ ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ سال اڳ نينگري جون ٻئي ڄنگهون ۽ پير ڦري ويا نينگري کي مقامي ڊاڪٽرن وٽ علاج لاء کڻي وياسين پر انهن ڊاڪٽرن نينگري جو علاج ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن بعد مجبور ٿي نينگري جو علاج راڻيپور مان هر هفتي ڊاڪٽر ڏانهن وڃڻو پوي ٿو غريب آهيون خرچ ڪري ٿڪجي پيا آهيون اسان کي شڪ آهي ته نينگري کي پوليو جي بيماري آهي.

ٻئي طرف پوليو تعلقه نارا جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر پرسرام لاڙائي رابطو ڪرڻ تي چيو ته پوليو جي ٽيم نينگري جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪري رپورٽ جاري ڪندي جنهن بعد بيماري جي خبر پوندي في الحال سمجھ ۾ نٿو اچي پوليو جون علامتون فالج جهڙيون هونديون آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو