نينگريءَ ۾ پوليو جو ڪيس ظاهر، گهمڻ ڦرڻ کان لاچار

نينگريءَ ۾ پوليو جو ڪيس ظاهر، گهمڻ ڦرڻ کان لاچار

سکر( امداد علي ڪلوڙ) شمس آباد واري علائقي ۾ 6 سالن جي ٻارڙي دعا ڌيءَ محمد اسحاق ٻرڙو کي پوليو ٿيڻ سبب سندس پير ڦري ويا آهن. هوڏانهن متاثر ٻارڙي جي پيءُ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو آهي ته سندس ڌيءَ دعا ٻرڙو کي وقت سر پوليو کان بچاءُ وارا ڦڙا پياريندا هئاسين. پوليو جي ڦڙن وارو ڪارڊ پڻ اسان وٽ پيل آهي. ڪجهه وقت اڳ ٻارڙي جا پير ڦرڻ شروع ٿيا هئا جنهن کانپوءِ اسان لاڳاپيل صحت کاتي جي ٽيم کي شڪايت ڪئي سين پر هنن ڪجهه به نه ڪيو. غريب هجڻ سبب ٻارڙي جو علاج نٿو ڪرائي سگھان. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته سندس ٻارڙي جو علاج ڪرايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو