نينگريءَ سان مبينه زيادتي جي ڪوشش، پٽيوالو سوگهو

سکر (جئيرام داس) نيو يارڊ ڪالونيءَ جي گرلز پرائمري اسڪول ۾ پهرئين درجي جي شاگردياڻي 7 ورهين جي وزيران سان پٽيوالي مبينا طور ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي. شاگردياڻين جي رڙين تي استاد ۽ ٻيون شاگردياڻيون پهچي ويون جِن پٽيوالي شاهد ڀٽو کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪيو. متاثر نينگري پوليس آڏو بيان ڏنو ته ڀيڻ سان گڏ اسڪول ويس ته پٽيوالي اُن کي ڪلاس جون دريون صاف ڪرڻ لاءِ چيو، جنهن کانپوءِ کيس 10 رُپيا ڏئي ڏٽن سان واش روم ۾ وٺي ويو، جتي ساڻس زيادتي جي ڪوشش ڪئي ته هُن رڙيون ڪيون جنهن بعد استادن ۽ شاگردياڻين جي پهچڻ تي جوابدار فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر کيس سوگهو ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو