نيب ۽ ايف آءِ اي جو سياسي ڪردار ختم ڪنداسين: لياقت بلوچ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)جماعت اسلامي جي چيئرمين اليڪشن سيل لياقت بلوچ جو چوڻ آهي ته جماعت اسلامي اقتدار ۾ اچي نيب ۽ ايف آءِ اي کي ٻيهر منظم ڪندي ۽ انهن مان سياسي رويو ختم ڪندي.اها ڳالهه چيئرمين اليڪشن سيل جماعت اسلامي لياقت بلوچ لاهور مان جاري ڪيل بيان ۾ چئي.سندن چوڻ هو ته جماعت اسلامي ملڪ مان طبقاتي نظام کي ختم ڪندي.لياقت بلوچ چيو آهي ته هو پوليس جي نظام ۾ سڌارا آڻيندا ۽ ان کي خوف ۽ نفرت بدران تحفظ جي علامت بڻائيندا.هن وڌيڪ چيو ته هو غير ضروري خرچن ۽ مراعات کي ختم ڪري سادگي جي ثقافت کي فروغ ڏيندا.چيئرمين اليڪشن سيل جماعت اسلامي لياقت بلوچ جو به چوڻ آهي ته هو قومي ادارن جي بحالي لاءِ ڪارڪنن، ماهرن ۽ آفيسرن کي اعتماد ۾ ڏينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو