نيب ڪيس، مصطفيٰ ڪمال عبوري ضمانت ڪرائي ورتي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پاڪ سرزمين پارٽي يعني پي ايس پي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال جي عبوري ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي. جسٽس اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس شمس لدين عباسي تي مشتمل عدالت زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ ڪيس ۾ کيس هدايت ڪئي ته هو احتساب عدالت ۾ پيش ٿئي. نيب هن خلاف 22 جون تي 5500 هم چورس گز ڪمرشل زمين بحريه کي الاٽ ڪرڻ تي سندس خلاف ريفرنس داخل ڪيو هو. احتساب عدالت کيس ٽي ڀيرا نوٽيس جاري ڪيو پر هو پيش نه ٿيو. جنهن بعد عدالت 27 جولاءِ تي پيش ٿيڻ لاءِ چوٿون ڀيرو نوٽيس جاري ڪيا آهن ۽ هن گرفتاري جي ڊپ کان عبوري حفاظتي ضمانت ڪرائي ورتي. عدالت کيس 10 لک جا مچلڪا جمع ڪرائڻ لاءِ چيو ته سندس وڪيل چيو ته ٻين جوابدارن جا 5 لک آهن، عدالت کائنس ثبوت گهريو ته هن چيو ته هو جلد پيش ڪندو. بعد ۾ صحافين سان ھالهائيندي هن چيوته مون ٽن روپين جي به چوري ناهي ڪئي ۽ نه ئي بي نامي اڪائونٽس آهن. هن چيو ته نيب طرفان بي بنياد الزام لڳائي ريفرنس ۾ سندس نالو شامل ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو