نيب کي خورشيد شاهه خلاف ثبوت پيش ڪرڻ جو حڪم

سکر (جيرام داس) احتساب عدالت نيب کان خورشيد شاهه سميت 18 جوابدارن خلاف ريفرنس جا ثبوت ۽ شاهديون پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سکر جي احتساب عدالت ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس جي ٻڌڻي دوران پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه پنهنجي ڀائٽيي ۽ گهروارين سان گڏ پيش ٿيو. نيب طرفان داخل ڪيل ريفرنس ۾ خورشيد شاهه سوڌو 18 ڄڻن کي جوابدار نامزد ڪيو ويو جِن تي 23 ڪروڙ رُپين جي ڪرپشن جا الزام آهن. احتساب عدالت نيب کي ريفرنس جا پورا دستاويز پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 7 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي نيب کي حڪم ڏنو ويو آهي ته 7 جنوري تي سمورا ثبوت ۽ شاهديون عدالت ۾ پيش ڪيون وڃن. خورشيد شاهه جي پيشيءَ جي موقعي تي احتساب عدالت جي آسپاس سيڪيورٽي جا غيرمعمولي انتظام ڪيا ويا جڏهن ته صوبائي وزير اويس شاهه ۽ ايم پي اي فرخ شاهه سوڌو پ پ ڪارڪن به پهچي ويا جيڪي سندس حمايت ۾نعريبازي ڪري رهيا هئا. خورشيد شاهه کي ايمبولينس ذريعي عدالت نيو ويو هو. احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته پارليامينٽ ڪمزور ٿيڻ جي صورت ۾ دشمن طاقتور ٿي ويندو آهي اڄ پارليامينٽ عوام جي نمائندگي نه ڪري رهي آهي، اها پريشان ڪندڙ ڳالهه آهي.. هڪ سوال جي جواب ۾ پ پ ايم اين اي چيو ته پارليامينٽ جي ٽئلينٽ کي دٻايو پيو وڃي اهڙين حالتن ۾ ته مفاهمت جي ضرورت هوندي آهي سياستدانن کي گڏ ويهي سوچڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو