نيب پاران ملڪ رياض خلاف ريفرنس تيار

اسلام آباد (ن س) نيب پراپرٽي ٽائيڪون ملڪ رياض خلاف ريفرنس تيار ڪري ورتو آهي، منظوري لاءِ چيئرمين جاويد اقبال ڏانهن موڪليو ويو آهي. نيب راولپنڊي طرفان ملڪ رياض خلاف تخت پڙي ڪيس ۾ ريفرنس تيار ڪيو آهي. نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب چيئرمين جي منظوري ملڻ بعد ريفرنس راولپنڊي جي احتساب عدالت ۾ داخل ڪيو ويندو، ريفرنس ۾ ملڪ رياض کي جوابدار ڄاڻايو ويو آهي. واضح رهي ته تخت پڙي ڪيس ۾ ٻيلي جي زمين تي بحريه ٽائون فيز 7 ۽ 8 تعمير ڪرڻ جو الزام آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو