نيب پاران دراني، ٽالپر، جتوئي ۽ ٻين خلاف نون ڪيسن جي جاچ شروع

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيب ايگزيڪيوٽو بورڊ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني، ميئر ڪراچي وسيم اختر، اڳوڻي وفاقي وزير لياقت علي جتوئي ۽ پي پي جي، ايم اين اي  نواب يوسف ٽالپر خلاف رقم جي مشڪوڪ منتقلي جي شڪايتن کي پهرين کان جاري جاچ سان جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. تفصيل موجب نيب چيئرمين جسٽس جاويد اقبال جي صدارت ۾ نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو، نيب هيڊڪوارٽر اسلام آباد ۾ ٿيل اجلاس ۾ نيب ترجمان موجب سنڌ ۽ بلوچستان سان تعلق رکندڙ ڪامورن خلاف 2 انڪوائريون شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، جن ڪامورن خلاف انڪوائري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي انهن ۾ بلوچستان جي اڳوڻي ڪميونيڪيشن اينڊ ورڪس ڊپارٽمينٽ جي سيڪريٽري غلام محمد سان گڏ آفيسرن، اهلڪارن ۽ ٺيڪيدارن، صوبائي هاءِ وي ڊويزن ضلعي سانگهڙ ۽ ٻين کي شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس ۾ لاڙڪاڻي ڊولپمينٽ اٿارٽي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل اصغر شيخ ۽ ٻين خلاف به جاچ جي منظوري ڏني وئي آهي، اجلاس دوران بدعنواني جا 3 ريفرنس داخل ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي، جن ۾ پهريون ريفرنس ن ليگ جي اڳوڻ هوابازي جي اڳوڻي صلاحڪار سردار مهتاب احمد خان، ايوي ايشن ڊويزن جي اڳوڻي سيڪريٽري عرفان الاهي، پي آءِ اي جي اڳوڻي چيئرمين مشرف رسول، محمد علي ٽبا ۽ ٻين خلاف بدعنواني جو ريفرنس داخل ڪرائڻ جي منظوري ڏني وئي ، جن مٿان مبينا طور تي اختيارن جوناجائز استعمال ڪرڻ، قائدن ۽ ضابطن جي برعڪس مشرف رسول کي چيئرمين پي آءِ اي مقرر ڪرڻ ، قومي خزاني کي نقصان پھچائڻ جو الزام آهي، پي آءِ اي چيئرمين مشرف رسول جي مقرري کي عدالت به غيرقانوني قرار ڏئي چڪي آهي، ٻيو ريفرنس گلگت بلتستان جي اڳوڻي صحت جي وزير حاجي گلبهار خان، گلگت ۾ ٻيلي کاتي جي اڳوڻي ڪنزرويٽر زمرد خان، حاجي گل نصيب خان، عبدالصمد، محمد قاسم ۽ ٻين خلاف داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي ، جن تي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي 7 ٺيڪيدارن کي ضابطن کان هٽي جرماني جي رقم وصول ڪرڻ کان سواءِ ٻيلي جي ڪٽائي ۽ ڪاٺ کڻڻ لاءِ اجازت ناما جاري ڪرڻ جو الزام آهي، جنهن سان قومي خزاني کي 4 ڪروڙ 57 لک 30 هزار روپين جو نقصان ٿيو، جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٽيون ريفرنس سي ڊي اي جي اڳوڻي چيئرمين ڪامران علي قريشي، سي ڊي اي جي اڳوڻي ميمبر اسٽيٽ اسد منير، اڳوڻي ڊائريڪٽر خالد محمود ۽ ٻين خلاف ريفنرس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، جن تي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي غيرقانوني طور تي ايف 11 اسلام آباد ۾ پلاٽ کي بحال ڪرڻ جو الزام آهي، جنهن سان قومي خزاني کي ڀاري نقصان پهتو. سنڌ جي زڪوات واري اڳوڻي وزير دوست محمد راهمون خلاف ثبوتن نه ملڻ جي بنياد تي انڪوائري بند ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي. اجلاس دوران ڳالهائيندي نيب چيئرمين جسٽس جاويد اقبال چيو ته بدعنواني تمام براين جي جڙ آهي، نيب بدعنوانين جي خاتمي لاءِ زيرو ٽالرنس جي حڪمت عملي تي هلي رهي آهي، هن واضح ڪندي چيو ته ميگا ڪرپشن جي ڪيسن کي منتقي انجام تائين پهچائڻ اسان سڀني جي پهرين ترجيح آهي، نيب ملڪ مان بدعنواني جي خاتمي لاءِ، احتساب سڀني جي لاءِ، پاليسي تي سختي سان عمل ڪري رهي آهي. هن هدايت ڪئي ته تمام شڪايتن جي انڪوائرين ۽ انويسٽيگيشنز کي قانون، ميرٽ، شفافيت ۽ ٺوس ثبوتن جي بنياد تي منتقي انجام تائين پهچايو وڃي. نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس جي فيصلن بابت تفصيل جاري ڪرڻ جو مقصد ڪنهن جي دل آزاري ڪرڻ ناهي. هن چيو ته  تمام انڪوائريون، انويسٽگيشنز مبينا الزامن جي بنيادن تي شروع ڪيون ويون آهن، جيڪي حتمي ناهن، نيب قانون مطابق انهن ماڻهن کا موقف معلوم ڪندو، جنهن بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو