لاهور (ڊيسڪ نيوز) مسلم ليگ (ن) جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف احتساب عدالت لاهور ۾ پيشيءَ واري موقعي تي صحافين سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو آهي ”اسان مولانا فضل الرحمان جي آزادي مارچ جي حمايت جو فيصلو ڪري چڪا آهيون. مولانا فضل الرحمان 2018 ۾ ٿيل عام چونڊن وقت اسمبلي مان استعيفيٰ جي ڳالهه ڪئي هئي ۽ جيڪوموقف اختيار ڪيو ان تي اڄ به قائم آهي ۽ هن جو موقف ٺيڪ هو. پاڪستان مسلم ليگ (ن) مولانا جي احتجاج جي حمايت جاري رکندي“. ميان نواز شريف کي نيب پاران چوڌري شگر ملز ڪيس ۾ مک ملزم طور ڪوٽ لکپت جيل مان گرفتار ڪرڻ بعد احتساب عدالت لاهور۾ پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي عدالت ٻاهران سخت سيڪيورٽيءَ جا انتظام ڪيا ويا. عدالت ڏانهن ايندڙ رستن تي رڪاوٽون رکي عام ماڻهن جي اچ وڃ محدود ڪئي وئي. ميان نواز شريف خلاف هڪ ٻيو ڪيس ٺاهڻ خلاف مسلم ليگ (ن) جي ڪارڪنن لاهور ۾ احتجاج پڻ ڪيو. واضح رهي ته نئين تيار ٿيل ڪيس ۾ نيب چيئرمين پاران گرفتاريءَ جي منظوري ڏيڻ کانپوءِ نيب ٽيم ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد نواز شريف کي باضابطه گرفتار ڪري احتساب عدالت لاهور ۾ پيش ڪيو. ياد رهي ته چوڌري شگر ملز ڪيس ۾ سندس ڌيءُ مريم نواز ۽ ڀائيٽو يوسف عباس اڳ ۾ گرفتار ٿيل آهن. ميان نواز شريف جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ واري ڳالهه ٻڌي مسلم ليگ (ن) جا ڪارڪن وڏي انگ ۾ عدالت پهچڻ شروع ٿي ويا آهن. نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف چوڌري شگرملزم ڪيس جو مک ملزم آهي ۽ کيس گرفتاري وارنٽ به اماڻيا ويا هئا ۽ اڄ گرفتاريءَ کانپوءِ ميان نواز شريف کي احتساب عدالت 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪيو. ياد رهي ته نواز شريف کي سزا ملڻ بعد پارٽي جي صدارت ميان شهباز شريف جي حوالي آهي ۽ هن مولانا جي مارڄ ۾ شرڪت کان لنوايو پئي پر نواز شريف کيس چيو ته جيڪڏهن توهان بيمار آهيو ته ٻيو ڪو شرڪت ڪري نمائندگي ڪندو. آزادي مارچ ۾ شموليت بابت ٻنهي ڀائرن ۾ اختلاف هاڻي راز ناهي رهيو.
ميزائيل پرزن جي سپلائي، آمريڪا جي 4 ڪمپنين تي پابندي
ٽيڪس وصولي ۾ ناڪامي، وڏي وزير جي سخت ڪاوڙ
جاپاني شهرين تي حملي جي ابتدائي جاچ ۾ اهم پيش رفت
ٻار ڄڻڻ ۽ ماءُ بڻجڻ وارن تجربن بابت زارا نور ڇا ٿي چوي؟
علامه اقبال ايڪسپريس جي انجڻ کي باهه لڳي وئي
بارش سبب 3 ڏينهن دبئي ۾ ڦاٿل ڪرڪيٽر آمريڪا پهچي ويا
يوڪرين پاران روسي جنگي جهاز تباهه ڪرڻ جي دعويٰ
ٽرمپ جي عدالت ۾ حاضري وقت هڪ شهري جي خود سوزي
اڄوڪي-اخبار-2024-04-20
اڄوڪي-اخبار-2024-04-20
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم