نيب مان آزاد ٿيڻ بعد اسپيڪر جي قلندر شهباز تي حاضري

سيوهڻ شريف (رميز علي سولنگي) اسپيڪر سندهه اسيمبلي آغا سراج دراني ڪراچي کان سيوهڻ شريف پهچي سنڌ جي صوفي بزرگ حضرت لعل شهباز قلندر جي مزار تي حاضري ڏئي فاتح خواني ڪئي. ان موقعي تي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني درگاھ قلندر تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ آصف زرداري جي شڪرگذار آهيان، ميڊيا جو پڻ شڪر گذار آهيان، ميڊيا ٽرائل ڪري بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر ميڊيا حقيقي شيون ڏيکاريون، مان قلندر لعل شهباز جو به شڪريو ادا ڪرڻ لاءِ آيو آهيان.

هڪ سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته مون پرويز مشرف جي ڪيس کي نه پڙهيو آھي ميڊيا تي ڪيئن ٿو ڳالهائي سگهان فيصلي پڙهڻ کان پوءِ ئي ڳالهائي سگهان ٿو، جيڪڏهن نيب ڏوھ ثابت ڪري ها ته ضمانت تي آزاد نه ٿي سگهان ها. آغا سراج دراني چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ايندڙ وزيراعظم ٿيندو، ڪجھ سمجھ ۾ نٿو اچي ته ملڪ جي سياسي صورتحال ڪهڙي طرف وڃي رهي آھي اسان احتساب چاهيون ٿا، پر جيڪو ٿي رهيو آهي اهو احتساب نه آهي. موت جي سزا آئين ۾ آهي،قانون جي مونک ي خبر ناهي پر جيڪو آئين جو فيصلو هوندو اهو ئي ٿيندو. آغا سراج دراني قلندر جي مزار تي زائرين ۾ لنگر به تقسيم ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو