نيب سکر جو پراسيڪيوٽر نوڪري مان فارغ

اوٻاوڙو(رپورٽ غلام علي رند)چيئرمين نيب طرفان نيب جي اسپيشل پراسيڪيوٽر سکر محمد زبير ملڪ کي عهدي تان فوري طور هٽايو ويو آهي. چيئرمين نيب پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب پراسيڪيوٽر کي هڪ مهيني جي پگهار ادا ڪندي فوري آفيس خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سندس خلاف نيب چيئرمين کي شڪايتون مليون هيون ته اداري جو موقف درست نموني پيش نٿو ڪري. ياد رهي ته هو 2015 کان ان عهدي تي ڪم ڪري رهيو هو. هو سکر ۽ ڪراچي جي عدالتن ۾ به نيب ڪيسن جي پيروي ڪندو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو