نيب سکر، ٺيڪيدار ساجد علي مهر کي گرفتار ڪري ورتو

سکر(رپورٽ امداد ڪلوڙ) نيب سکر جي ٽيم ٽي ايم اي ڳڙهي ياسين جي آفيسرن ۽ عملي جي ملي ڀڳت سان سرڪاري فنڊن ۾ خرد برد ۽ ڪرپشن جي الزامن هيٺ هڪ ٺيڪيدار ساجد  علي مهر کي لاڙڪاڻي مان گرفتار ڪري ورتو آهي. نيب سکر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب گرفتار جوابدار ٺيڪيدار ساجد علي مهر کي ٽي ايم اي ڳڙهي ياسين پاران ڪيترائي ورڪ آرڊر جاري ڪيا ويا ۽ سمورا ڪم ڪاغذن ۾ مڪمل ڏيکاريا ويا پر ڄاڻايل سائيٽس تي ڪوبه ڪم ٿيل نه هو. اهڙي ريت جوابدار گورنمينٽ ٺيڪيدار جي حيثيت سان ٽي ايم اي ڳڙهي ياسين جي آفيسرن ۽ عملي جي مدد سان سرڪاري خزاني کي نقصان پهچايو. ان ڏس ۾ سندس خلاف احتساب عدالت سکر۾ ريفرنس داخل ڪرايو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو