نيب جو خورشيد شاهه سان رويو قابل مذمت آهي: ناصر شاهه

سکر (جيئرام داس) صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه نيب سکر آفيس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه کي بنا ڪنهن ڏوهه جي گرفتار ڪرڻ ناانصافي آهي. هن چيو ته عدالت پاران خورشيد شاهه کي پهرين رمانڊ تي موڪليو ويو اڄ ٻيهر 13 ڏينهن جي رمانڊ تي موڪليو ويو آهي اهو عدالتي فيصلو آهي اسان کي تسليم ئي ڪرڻو پوندو. هن چيو ته نيب ٽيم جو رويو ٺيڪ نه هيو جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا خورشيد شاهه جي گرفتاري انتقامي ڪارروائي کان سواءِ ڪجهه به نه آهي. سنڌ حڪومت سدائين قانون جي پاسداري ڪئي  آهي ۽ اسان ادارن جو احترام ڪندا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي اڳواڻن سان هڪڙو سلوڪ ته ٻئي پارٽي جي اڳواڻ سان ٻيو سلوڪ رکڻ ڪٿان جو انصاف آهي. هن چيو ته وزيراعليٰ سنڌ مٿان صرف الزام لڳايا پيا وڃن پر ڪو به ثبوت ناهي هو صوبي جو وزيراعليٰ آهي ان کي گرفتار ڪرڻ آسان ناهي نيب جي اهڙي رويي ۽ الزامن جي مذمت ڪيان ٿو. هن وڌيڪ چيو ته سفارتي تعلقات بهتر نه هجڻ ڪري ڪشمير تي اقوام متحده ۾ ڳالهيون نه ٿي سگهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو