نيب بلاول کي 17 مئي تي طلبي ورتو، پيش ٿيڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ترجمان مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته نيب پارٽي چيئرمين کي 17 مئي تي پڇاڻي لاءِ ٻيهر طلب ڪيو آهي ۽ هو نيب آڏو پيش ٿيندو. هن نيب تي تنقيد ڪندي چيو ته هو حڪمرانن جي آله ڪار آهي ۽ سياسي مخالفن کي ڄاڻي واڻي تنگ ڪيو پيو وڃي. نيب بلاول ڀٽو زرداري کي پارڪ لين اسٽيٽ ڪمپني پاران اسلام آباد ۾ زمينون خريد ڪرڻ واري ڪيس ۾ پڇاڻي لاءِ طلب ڪيو آهي. هن ڪمپني ۾ بلاول 25 سيڪڙو جو حصيدار آهي. واضح رهي ته بلاول ڀٽو زرداري ان کان اڳ به نيب آڏو 20 مارچ تي پيش ٿيو هو جنهن دوران کانئس ڪرپشن جي ٽن ڪيسن بابت سوال ڪيا ويا هئا. هوڏانهن نيب طلبي بعد سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هي جيڪا نيب گردي آهي، ان جي پويان خبر آهي ته ڪير آهي. ٽن سالن کان اُنهن جو مقابلو ڪندا پيا اچون، هاڻ اسان رُڪجڻ وارا نه آهيون ۽ نه ئي ڊڄڻ وارا آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو