نوشهروفيروز(ن س ) مچر ويجهو تيز رفتاري سبب مسافر وين ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ خوفناڪ حادثو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، جڏهن ته هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو. فوتي شخص جي سڃاڻپ مبارڪ علي وسطڑو طور ٿي آهي، جنهن جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ سول اسپتال نوشهروفيروز منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت سبب نوابشاهه ريفر ڪيو ويو آهي. مسافر وين وڻ سان ٽڪرائجي وئي جنھن سبب مسافر محفوظ رھیو










