نوجوان ناري ڇريون هڻي قتل،جوابدار گرفتار

ميرپورخاص(ن س) ميرپورخاص ويجهو زبردستي شادي کان انڪار تي جوابدار نوجوان ناري کي ڇريون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس جوابدار کي گرفتار ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي. پوليس موجب ٻيلھاڙو شاخ جي رھواسڻ نوجوان آمنه کي پنهنجي ننڍي ڀاءُ تاج محمد سان موٽرسائيڪل تي وڃي رهي هئي ته حيدرآباد روڊ تي جوابدار عمران ملڪ مٿن حملو ڪيو ۽ ناري ڇريون ھڻي زخمي ڪيو. پوليس موجب ناري کي سول اسپتال ميرپورخاص آندو ويو، پر سندس حالت نازڪ هئڻ ڪري کيس حيدرآباد ريفر ڪيو پئي ويو ته ناري زخمن جي سٽ نه سهندي رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪيو. ناري جو لاش ٻيهر سول اسپتال ميرپورخاص آندو ويو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ميرپورخاص پوليس ناڪابندي ڪندي بس ٽرمينل تان جوابدار عمران ملڪ کي گرفتار ڪري ورتو، سنڌ يار جو رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او ٻڌايو جوابدار اعتراف ڪيو آهي ته هو ناري آمنه کي ٻن سالن کان پسند ڪندو هو، هن کيس شادي جي آڇ ڪئي پر ناري ڪنهن ٻئي کي پسند ڪندي هئي. جنهن تان هن کيس قتل ڪيو، کيس ان تي ڪو به پڇتاءُ ناهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو