سنڌ ۾ صوفياڻي راڳ ٻڌڻ جو رواج وڌي رهيو آهي، مارواڙي

سيٺارجاسجاد علي ڪٻر) نوجوان اڀرندڙ سريلي راڳي ڀڳوان داس مارواڙي چيو آھي ته سنڌ اندر راڳ ٻڌندڙ ن پاران ھاڻي تصوف واري صوفي بزرگن جي شاعري وارن ڪلامن جي وڌيڪ فرمائش ڪئي وڃي ٿي جنھن مان ثابت ٿئي ٿو ته ماڻھون معياري شاعري ٻڌڻ طرف واپس اچي رھيا آھن ھن وڌيڪ چيو ته بازاري شاعري سنڌ جي روايتي صوفياڻي مزاج ۽ ادب توڙي ثقافت کي ھاڃو رسايو آھي جنھن جو سلسلو بند ٿيڻ گھرجي ڀڳوان داس ٻڌايو ت هو گذريل چئين سالن کان راڳ جي دنيا ۾ شامل ٿي پهنجي فن جو مظاهرو ڪري رهيو آهي راڳ جي هن پهرين سکيا استاد اعجاز علي جانوري ۽ بعد ۾ سنڌ جي سريلي صوفي راڳي پنهل مارواڙي کان راڳ جي سکيا حاصل ڪئي آهي سندس مختلف صوفي بزرگن جي شاعري تي مشتمل ڪلامن جا ٻ البم ڪندي تنهنجو انتظار ۽ ٻيو پيار تي پهرا مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن جڏهن ت ٽيون البم هلندڙ مهيني مارڪيٽ ۾ اچي ويندو جنهن جي رڪارڊنگ شروع ڪئي وئي آهي جڏهن ته ٽي وي  جي مختلف چينلن تي پڻ سندس ڪلام هلندا آهن هن ٻڌايو ت هن کي ننڍي هوندي کان راڳ ٻڌڻ ۽ ڳائڻ جو شوق هيو ۽ راڳ جي دنيا ۾ عملي طور قدم رکڻ ۾ منهنجي والد نبن داس توڙي ڀائرن ڀرپور همٿ افزائي ڪئي ۽ روزانو رياض ڪرڻ لاء شهر اندر ڪلب پڻ قائم ڪيل آهي هن ٻڌايو ته راڳ سان گڏ تعليم جو سلسو پڻ جاري رکيون پيو اچي هن ٻڌايو ته سندس خواهش آهي ته سنڌي موسيقي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر استاد منظور علي خان,استاد جمن ۽ محمد يوسف جهڙا جنم وٺن جيئن سنڌي موسيقي پنهنجو عظيم ماضي وارو معيار برقرار رکي سگهي,

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو