راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته ڀارت خطي ۾ دهشتگردي جو سڀ کان وڏو اسپانسر آهي، اسان ڀارت کي واضح پيغام موڪلي رهيا آهيون ته پاڪستان ڪڏهن به اجارداري قبول نه ڪئي آهي ۽ نه ئي ڪندو، پاڪستان آرمي پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب، 52 هين ڪمن ٽريننگ پروگرام جي آفيسرن کي خطاب ڪندي فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته ملڪ جي ترقي ۽ ڪاميابي لاءِ عوام، حڪومت ۽ هٿياربند فوج جي وچ ۾ مضبوط تعلق ضروري آهي. هن چيو ته ڀارت خطي ۾ دهشتگردي جو سڀ کان وڏو اسپانسر آهي، اسان ڀارت کي واضح پيغام ڏئي رهيا آهيون ته پاڪستان ڪڏهن به ڀارت جي اجارداري قبول نه ڪئي آهي ۽ نه ئي ڪندو. آرمي چيف چيو ته دهشتگردي هندستان جو اندروني مسئلو آهي، جيڪو ان جي اقليتن، خاص طور تي مسلمانن سان تعصب ۽ ظالمانه روين جو نتيجو آهي.










