نواز شريف جي نااهلي واري فيصلي خلاف فل ڪورٽ جوڙڻ جو مطالبو

نواز شريف جي نااهلي واري فيصلي خلاف فل ڪورٽ جوڙڻ جو مطالبو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير احسن اقبال نواز شريف جي نااهلي واري فيصلي تي فل ڪورٽ نظرثاني جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته جڏهن نواز شريف نااهل ٿيو ته کيس اپيل جو حق نه ڏنو ويو. هن چيو ته عدليه جو احترام آهي پر (ن) ليگ خلاف پي ٽي آءِ جي حمايت ۾ ڪجهه مخصوص ججن طرفان فيصلا اچي رهيا آهن، عمران خان اسيمبليون ٽوڙيو ته نظام ڊهي پوندو.احسن اقبال چيو ته عمران خان سٺي نيت سان پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جون اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون، چونڊن کان ڪير به پري ناهي رهيو، ڇا هو اهڙيون چونڊون ڪرائڻ چاهين ٿا جنهن سان وڌيڪ ٽڪراءُ پيدا ٿئي؟

پهنجو تبصرو موڪليو