نواز شريف جي تاحيات نااهلي لنڊن پلان جو حصو آهي

لاهور(ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ باني جي ڀيڻ عليما خان جو چوڻ آهي ته نواز شريف جي تاحيات نااهلي هٽائڻ لنڊن پلان جو حصو آهي.لاهور ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان جي ڀاءُ اسان کي ڏيڍ سال اڳ ٻڌايو هو ته لنڊن ۾ هڪ معاهدو ٿيو آهي جنهن تحت سڀ ڪجهه اسڪرپٽ مطابق ٿي رهيو آهي.عليما خان جو وڌيڪ چوڻ هو ته هميشه اميد رکڻ گهرجي، ججن انصاف ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي پر پي ٽي آءِ باني کي انصاف ناهي ملي رهيو.پي ٽي آءِ جي باني همشيره جو اهو به چوڻ آهي ته جڏهن هاءِ ڪورٽ مان اميد جي هڪ کرن نظر ايندي آهي ته سڄي پاڪستان ۾ خوشي جي لهر پکڙجي ويندي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو