نوازشريف ۽ سندس خاندان خلاف شريف ٽرسٽ ڪيس جاچ بند

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) نيب اڳوڻي وزيراعظم ميان نوازشريف ۽ سندس خاندان خلاف شريف ٽرسٽ ڪيس ۾ جاچ بند ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.نيب چيئرمين جي صدارت هيٺ نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪرپشن جا 6 ڪيس بند ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.نيب ايگزيڪيوٽو بورڊ نوازشريف ۽ سندس خاندان خلاف شريف ٽرسٽ ڪيس ۾ جاچ بند ڪرڻ جي منظوري ڏني. قومي احتساب بيورو آءِ جي اسلام آباد اڪبر ناصر خان خلاف به سيف سٽي ڪرپشن ڪيس ۾ انڪوائري بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.نيب طرفان پنهنجي ويب سائيٽ تي جاري ڪيل اعلان موجب پهرين جنوري 2024 تي ٿيندڙ بيورو جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس ۾ فيصلي کان پوءِ نوازشريف ۽ سندس خاندان جي ميمبرن خلاف شريف ٽرسٽ ڪيس ۾ جاچ بند ڪئي وئي آهي.شريف ٽرسٽ ڪيس ۾ جاچ جي منظوري 31 مارچ 2000ع تي ڏني وئي هئي. شڪايت ۾ الزام لڳايو ويو هو ته شريف خاندان ڳجهي طور تي شريف ٽرسٽ ڪيس ۾ ڪروڙين روپيه وصول ڪيا آهن. اهو به الزام لڳايو ويو ته ٽرسٽ جي کاتن جو آڊٽ نه ڪرايو ويو ۽ رقم ۾ خرد برد ڪئي وئي.شريف ٽرسٽ ڪيس ۾ اهي به الزام لڳايا ويا هئا ته شريف خاندان اثاثا ٺاهي رکيا آهن جيڪي ٽرسٽ جي نالي تي بي نامي ملڪيتن جي طور تي رکيا ويا هئا. پاناما پيپرز ۾ جوڙيل تڪراري جي آءِ ٽي طرفان سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ چيو ويو هو ته 2000ع ۾ منظوري کان پوءِ شريف ٽرسٽ ڪيس ۾ جاچ کي نيب بنا جواز دير جو شڪار ڪري رکيو آهي.اجلاس ۾ منظوري کان پوءِ نيب طرفان ترميم ٿيل ايڪٽ 2022ع جي سيڪشن 31 بي جي تحت شريف ٽرسٽ ڪيس جي جاچ بند ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو