نمائندن جو واعدو وفا، گئس جو ڪم شروع، ڳوٺاڻا خوش

شيخ ڀرڪيو(مظفر علي بروهي) پيپلزپارٽي ضلع حيدراباد جي اڳوڻي نائب صدر ۽ ضلع ڪونسل حيدرآباد جي ميمبر ميرمحسن علي ٽالپر جي ڪاوشن رنگ لاٿو ۽ پ پ جي ايم اين اي سيد نويد قمر زمان شاهه پنهنجو واعدو وفا ڪندي يونين ڪائونسل چکي  جي مختلف ڳوٺن لاءِ اعلانيل سوئي گئيس جي ڪم جو آغاز ڪري ڇڏيو، سوئي گئيس جا پائيپ پهچي ويا جلد ڪم شروع ٿيڻ وارو. ان سلسلي ۾ پ پ پ جي اڳواڻ مير محسن علي ٽالپر چيو ته  پ پ ايم اين اي سيد نويد قمر جا شڪر گذار آهيون جن اعلانيل سوئي گئيس جوڪم شروع ڪرائي هتي جي عوام جو پراڻو مطالبو پورو ڪيو آهي پ پ قيادت ۽ چونڊيل نمائيندا شهيد سنڌ راڻي بينظير ڀٽو جي ڇڏيل مشن تي عمل ڪري رهيا آهن. هن چيو ته مخالفن وٽ خالي الزام تراشي کانسواءِ ڪجهه به ناهي ۽ پ پ پ تي صدائين اهي تنقيد ڪن ٿا جن کي عوام سان ڪابه محبت ۽ همدردي ناهي. ان موقعي تي عشرزڪوات ڪميٽي تعلقي حيدراباد جوچيئيرمين مير زمرد علي ٽالپر، مير نظر علي ٽالپر، مير خدابخش ٽالپر، مير منظور علي ٽالپر، وڏيرو اعجاز علي سونارو،الهڏنو لاکو ۽ ٻيا موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو