نديم الرحمٰن ميمڻ جي منير جلباڻي سندس چاچي جي لاڏاڻي تي تعزيت

نديم الرحمٰن ميمڻ جي منير جلباڻي سندس چاچي جي لاڏاڻي تي تعزيت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري نديم الرحمٰن ميمڻ اطلاعات کاتي جي آفيسر جي منير احمد جلباڻي جي چاچي عبدالفتاح جلباڻي جي لاڏاڻي تي تعزيت ۽ ڏک جو اظهار ڪيو آهي. ان دوران اطلاعات کاتي سنڌ جي آفيسرن جو هڪ تعزيتي اجلاس اڄ ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ ريليشنز سوائي خان ڇلگري جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ ڊائريڪٽر ايڊمن اينڊ اڪائونٽس محمد يوسف ڪابورو، ڊائريڪٽر پبليڪيشن منصور احمد راجپوت، ڊائريڪٽر پريس حزب الله ميمڻ، ڊائريڪٽر ريفرنس اينڊ ريسرچ امتياز علي جويو، ڊائريڪٽر فلمز رياض ميمڻ، ڊائريڪٽر اشتهارات عزيز احمد هڪڙو، ڊائريڪٽر ليگل عظيم شاهه ۽ ڊائريڪٽر پريس انفارميشن حسن اصغر نقوي ۽ کاتي جي ٻين آفيسرن ۽ عملي شرڪت ڪئي اجلاس ۾ اطلاعات کاتي جي آفيسر منير جلباڻي جي مرحوم چاچي جي لاءِ فاتحه خواني جي بعد دعا ڪئي ته رب العزت مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ پونئرن کي صبر جميل عطا فرمائي آمين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو