نجڪاري لاءِ 25 سرڪاري ادارن جي فهرست قومي اسيمبلي ۾ پيش

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) حڪومت نجي شعبي جي حوالي ڪيل 25 سرڪاري ادارن جي فهرست قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏي.نجڪاري وارن ادارن جي فهرست قومي اسيمبلي ۾ وفاقي وزير نجڪاري عبدالعليم خان پيش ڪئي. حڪومت 25 ادارا نجي شعبي جي حوالي ڪندي.نجڪاري جي فهرست ۾ سروسز انٽرنيشنل هوٽل لاهور، جناح ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد، پي آءِ اي روز ويلٽ هوٽل، پي آءِ اي، پاڪستان ري انشورنس ڪمپني، اسٽيٽ لائف انشورنس ڪارپوريشن هائوس بلڊنگ فنانس ڪارپوريشن شامل آهن.ان کان علاوه فرسٽ وومين بينڪ، سنڌ انجنيئرنگ لميٽيڊ، پاڪستان انجنيئرنگ ڪمپني، بلوڪي پاور پلانٽ، حويلي بهادر پاور پلانٽ، گڊو پاور پلانٽ، نندي پور پاور پلانٽ، فيصل آباد، اسلام آباد، لاهور، گوجرانوالا، ملتان، پشاور، حيدرآباد، ڪوئٽه، سکر ۽ قبائلي اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپنيون به فهرست ۾ شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو