نبي ڪريم جي تعليمات تي عمل ڪري زندگي بهتر بڻائي سگهجي ٿي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو عيد ميلاد النبي ﷺ جي موقعي تي پيغام ۾ عيد ميلادالنبي ﷺ جي موقعي تي امت مسلمه کي مبارڪباد ڏني،چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم سموري انسانيت لاءِ تعليمات، روايتن ۽ اصولن جو خزانو ڇڏي ويو آهي.نبي ڪريم ﷺ جي تعليمات تي عمل ڪري زندگي بهتر بڻائي سگهجي ٿي، پيغمبر اسلام دنيا کي معاف ڪرڻ، ظلم ۽ ناانصافي خلاف جدوجهد ڪرڻ ۽ معاشري ۾ برابري ۽ انصاف قائم ڪرڻ جو درس ڏنو. حضرت محمد ﷺ جو پيغام انسانيت لاءِ هميشه مشعل راهه رهندو.اڄ ان عزم جو ڏينهن آهي ته اسان انسانيت ۽ سڄي دنيا جي بهتري لاءِ پنهنجي پياري نبي صلي الله عليه وسلم جي تعليمات تي عمل ڪنداسين اڄ عهد ڪريون ته ڀائيچاري، رواداري، محبت، امن ۽ برابري جي درس تي پوري سچائي سان عمل ڪنداسين،منهنجي دعا آهي ته الله تعالٰي اسان سڀني کي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي تعليمات مطابق زندگي گذارڻ جي توفيق عطا فرمائي .

پهنجو تبصرو موڪليو