اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته نابالغ ٻار جو خرچ طئي ڪرڻ وقت ٻار جي معقول ضرورتن، پيءُ جي مالي سگهه، آمدني ۽ سماجي حيثيت کي نظر ۾ رکيو ويندو. جڏهن ته هيٺين عدالتن پاران مقرر ڪيل خرچ وغيره جي رقم ۾ مداخلت صرف ان صورت ۾ ڪري سگهجي ٿي جڏهن فيصلو واضح طور تي من ماني، غير معقول يا قانون جي خلاف هجي.جستس عرفان سعادت خان ۽ جسٽس عقيل احمد عباسي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ مسمات شاهين نواز جي اپيل جي اجازت واري درخواست رد ڪندي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکيو.عدالت آڏو درخواست گذار موقف اختيار ڪيو هو ته ٻار جو پيءُ بنگلاديش ۾ هڪ ٽيڪسٽائل ڪمپني ۾ مئنيجر آهي ۽ سٺي پگهار کڻي ٿو، ان ڪري نابالغ ٻار جو ماهوار خرچ 40 هزار روپيا مقرر ڪيو وڃي.سپريم ڪورٽ تفصيلي فيصلي ۾ چيو ته فيملي ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل کانپوءِ ڊسٽرڪٽ جج نابالغ ٻار جو خرچ 30 هزار روپيا ماهوار مقرر ڪيو هو، جنهن ۾ هر سال 15 سيڪڙو واڌ جو به حڪم ڏنو ويو هو، ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ به ان ئي فيصلي کي برقرار رکيو.عدالت قرار ڏنو ته رڪارڊ مان ظاهر ٿئي ٿو ته اپيليٽ ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ پيءُ جي آمدني، مالي وسيلن، ڪفالت جي ٻين ذميوارين ۽ ٻار جي ضرورتن جو تفصيلي جائزو وٺڻ کانپوءِ خرچ مقرر ڪيو. عدالت اهو به نوٽ ڪيو ته پيءُ پنهنجي پهرين شادي مان ٿيندڙ ٻين ٻن ٻارن جي ڪفالت جو به ذميوار آهي.تفصيلي فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ پنهنجي تازو ئي ٿيل فيصلي “محمد عمران باقر بنام مسمات زرنين آرزو (PLD 2026 SC 170)” جو حوالو ڏيندي چيو ته پيءُ تي پنهنجي اولاد جي ڪفالت قانوني ۽ اخلاقي ذميواري آهي. تنهن هوندي خرچ جي مقدار جو تعين ٻار جي حقيقي ضرورتن ۽ پيءُ جي مالي سگهه مطابق ڪيو ويندو آهي.سپريم ڪورٽ قرار ڏنو ته درخواست گذار هيٺين عدالتن جي فيصلن ۾ ڪا به قانوني خامي، شواهد جو غلط جائزو يا اختيارن جو ناجائز استعمال ثابت نه ڪري سگهي، ان ڪري آئين جي آرٽيڪل 185(3) تحت مداخلت جي ڪا گنجائش موجود ناهي.عدالت اپيل جي اجازت جي درخواست رد ڪندي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکيو.










