خانواھڻ(ن س)سنڌي ادبي سنگت ، مدني ايڪشن ڪاميٽي ۽ نيشنل پريس ڪلب پاران سنڌ جي برک اديب، ليکڪ ۽ شاعر ڊاڪٽر نجم عباسي جو 92 ھون جنم ڏينھن ملھايو ويو. جنهن جي صدارت ناليواري شاعر شوق خانواهڻي ڪئي، جڏهن ته تقريب جا مهمان خاص ساس شاخ خانواهڻ جو سيڪريٽري پروفيسر ذوالفقار علي جلباڻي ۽ سينئر صحافي رياض پارس ملاح هئا ۽ تقريب جا اعزازي مهمان مدني ايڪشن ڪاميٽي جو صدر ڊاڪٽر شفيق احمد ڪونڌر ۽ سينئر ڪهاڻيڪار سيد عباسي هئا. ان موقعي تي ڳالهائيندي مقررن چيو ته ڊاڪٽر نجم عباسي جهڙا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن، ڊاڪٽر نجم عباسي سنڌ جي ساهتي پرڳڻي نوشهرو فيروز جي شھر خانواهڻ جو هڪ بيباڪ ۽ عظيم ليکڪ هو، مقررن وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر نجم عباسي جو قلم انَ مهل به نه ٿڪو جڏهن مٿس فالج جو حملو ٿيو يا دهشتگردن کيس سندس حيدرآباد واري گهر مان زوريءَ لڏائي مٿس ظلم جي انتها ڪري ڇڏي. ڊاڪٽر نجم عباسي ھڪ ٻئي پٺيان ڪاڳر تي لهر. پٿر تي ليڪو, پهاڙن ۾ پڪار، ناچڻي جهڙن ڪتابن جي تخليقڪار نجم عباسي ٽيهن جي لڳ ڀڳ ڪتاب تخليق ڪيا. جن ۾هڪ ڪتاب شاعريءَ جو به آهي.ان کان سواءِ نجم عباسي ترجما به ڪيا. ان موقعي تي نوجوان شاعرن نديم انڙ، عزيز ڀنڊ، عاجز امتياز نوح پوٽو، غفور سحر ۽ ٻين ڊاڪٽر نجم عباسي کي شاعري ۾ ڀيٽا پيش ڪئي.تقريب ۾ جاويد ملاح، اصغر قاضي، راشد ڪلهوڙو، ڪامران سهتو، طفيل احمد خشڪ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.










