ڪنب(ثابت علي تمراڻي) ڪنب ٿاڻي جي حد مصري شاه اسٽاپ ڀرسان علي بحر واھ مان نامعلوم شخص جي لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي سگهي. لاش ڏسي ڳوٺاڻن ڪنب ٿاڻي تي اطلاع ڏنو ڪنب ٿاڻي جو وڏو منشي برڪت علي مڱڻيجو پوليس ساڻ ڪري لاش ڪڍرائي ڪوٽڏيجي اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرايو ان سلسلي ۾ ڪنب ٿاڻي جي وڏي منشي موجب لاش خيرپور سرد خاني ۾ رکرايو آهي مليل لاش نوجوان جو آهي جنهن جي عمر 30 سال ٿيندي آخري اطلاعن تائين لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي هئي.










