نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ اضافو ڪريو، ايم ڪيو ايم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ايم ڪيو ايم پاڪستان به عام چونڊن جي لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ اضافي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيف اليڪشن ڪمشنر کي درخواست ڏيندي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي وقت ۾ اضافي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.ايم ڪيو ايم موجب نامزدگي ڪاغذن جي لاءِ 20 کان 22 ڊسمبر تائين جو وقت ڏنو وڃي. 3 ڏينهن جو وقت تمام گهٽ آهي. نامزدگي ڪاغذن جون گهرجون ڊگهيون هجڻ سبب تاريخ وڌائي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو