نافرمان پٽ ملڪيت خاطر قتل ڪرڻ چاهين ٿا،پيرسن

دادلغاري (نديم مھر) بخشا پور محلي جي رهواسي پيرسن حضوربخش لغاري داد لغاري پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي چيو ته منهجا پٽ آفتاب احمد ۽ اويس احمد لغاري ملڪيت خاطر منهجي جان جا ويري بڻجي ويا آهن گذريل ڏينهن مون ٻنهي پٽن کي غلط ماڻهن سان صحبت توڙي مختلف ماڻهن کان قرض وٺڻ کان روڪڻ تي ٻئي پٽ مون کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون  ڏيئي رهيا آهن. هن چيو ته مون کي ٻنهي پٽن مان جان جو خطرو آهي جيڪي ڪنهن به وقت مون کي قتل ڪري سگهن ٿا هن ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ايس ايڇ او داد لغاري کان فوري طور نوٽس وٺي منهجي جان جا دشمن بڻيل ٻنهي  پٽن آفتاب ۽ اويس لغاري خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو