ناصر شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس، پاڻي جي فراهمي جي حوالي سان اهم فيصلا

ناصر شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس، پاڻي جي فراهمي جي حوالي سان اهم فيصلا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه جي صدارت هيٺ اهم اجلاس منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ ڪراچي شهر لاءِ پاڻي جي فراهمي جي منصوبن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ سيد نجم احمد شاهه، ايم ڊي واٽر بورڊ سميت اهم آفيسر موجود هئا. ان موقعي تي بريفنگ ڏيندي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ سيد نجم احمدشاهه مڪاني واري وزير سيد ناصر حسين شاهه کي ٻڌايو ته ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان سنڌ حڪومت پاڻي جي مختلف منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي جن جي سمورين قانوني گهرجن ۽ ٽيڪنيڪل پهلوئن کي نظر ۾ رکيو پيو وڃي ۽ شفافيت کي هر مرحلي تي اولين ترجيح ڏني پئي وڃي. سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چيو ته پاڻي جي فراهمي جا سمورا منصوبا اصل ۾ سنڌ حڪومت جي روشن خيال ۽ عوامي خدمت جي مشن جو عڪاسي آهن، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي ۽ عالمي بئنڪ جي تجويزن ۽ فني هدايتن تي سمورن مرحلن تي نظر ۽ غور هيٺ رکيو وڃي. سيد ناصر حسين شاهه جو چوڻ هو ته ڪراچي جي سمورن رهائشي ۽ ڪمرشل علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي سنڌ حڪومت جو ويزن آهي ۽ چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن جي روشني ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ صاف پاڻي جي فراهمي جو مشن هر صورت پورو ڪيو ويندو. سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير خاص حڪم ڏيندي چيو ته سمورا ماهر ۽ ڪنسلٽنٽ حضرات هڪ مڪمل ۽ جامع رپورٽ تيار ڪري پاڻي جي فراهمي جي منصوبن ۾ ديري جا سبب واضح ڪن ۽ غلطين تي پردو وجهڻ بدران مسئلن جي حل تي ڌيان ڏين ته جيئن عوام کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو نه پوي. سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير وڌيڪ چيو ته ڪراچي جي حدن ۽ آبادي ۾ واڌ کي نظر ۾ رکندي لانگ ٽرم واري پاليسي ٺاهڻ جي ضرورت آهي، ان ڪري سمورا پروجيڪٽ ڊائريڪٽرن ۽ آفيسرز زميني حقيقتن موجب حڪمت عملي تيار ڪن ٻي صورت ۾ سخت فيصلن کان پاسو نه ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو