ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ 5 جوابدار مارجي ويا.پوليس موجب هيلپ لائن 115 تي اطلاع ملڻ تي پوليس کي اطلاع ملي ته نارٿ ڪراچي سيڪٽر 11 ۾ ڦر لٽڻ لاءِ هڪ گهر ۾ داخل ٿي ويا، جوابدار گرل کي ٽوڙي گهر ۾ داخل ٿيا ۽ ڦر ڪرڻ بعد فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، جنهن دوران هٿياربندن پوليس پهچي ويا، جنهن دوران هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني. پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مقابلو، 5 ڌاڙيل مارجي ويا ۽ 2 فرار ٿي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل جوابدار نارٿ ڪراچي ۾ مختلف وارداتن ۾ ملوث هئا ۽ جوابدارن جا ٽولا گهرن ۾ ويهي وارداتون ڪندا هئا. ان سلسلي ۾ گهر جي مالڪ سيد انور ٻڌايو ته 5 ڌاڙيل جنگل ڪٽي گهر ۾ داخل ٿيا ۽ گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي ورتو، ڌاڙيلن مون تي به تشدد ڪيو، جڏهن ته پوليس واقعي واري هنڌ پهچي اسان کي بازياب ڪرايو.
