ناري جي اغوا خلاف وارثن پاران احتجاج

ٽنڊو محمد خان (مظفرعلي بروهي)شيخ ڀرڪيو ۾ عورتن سان بدتميزي ۽ ناري کي مبينا اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ٿاڻي آڏو چئن ڪلاڪ تائين ڌرڻو ٽن جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آئي .شيخ ڀرڪيو جي ڳوٺ علي بخش چانڊيو جي رهواسين ٺاڪور برادري جي عورتن سان بدتميزي ۽ ناري کي مبنيا طور اغوا ڪرڻ واري واقعي خلاف ٺاڪور برادري جي سوين ماڻهن مردن ۽ عورتن مانسنڱ ٺاڪو ڀاولو ٺاڪور شرميتي نشاء شرميتي لاڍو ۽ ٻين ٿاڻي آڏو ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي   هنن جو چوڻ هو ته  اسان  ڳوٺ کان جهمپ موري واري سائيڊ رشتيدارن جي دعوت ۾ شرڪت لاء وڃي رهيا هئاسين تي موٽر سائيڪل تي سوار ٽن ڄڻن رڪشا جو پيڇو ڪيو ۽ قريشي پمپ وٺ اڳ جهلي رڪشا ڊرائيور کي مارڪٽ ڪرڻ بعد عورتن سان بدتميزي ڪندي ناري کي مبينا طور اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ررڙين تي جوابدار اتان فرار ٿي ويا هنن چيو ته اسان ٿاڻي تي پوليس کي اطلاح ڏنو جيستائين پوليس جوابدار گرفتار نٿي ڪري احتجاجي ڌرڻو جاري رهندو جڏهن ته ڊي ايس پي نند لعل مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون جوابدارن جي گرفتاري جي خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو   هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او شيخ ڀرڪيو اعجاز پنهيار چيو ته ٺاڪور برادري جي ماڻهن سان پيش آيل واقعي جو ڪيس درج ڪيو ويو آهي جوابدارن جي گرفتاري  لاء ڇاپا هنيا پيا وڃن  پر جوابدار هٿ ناهن اچي سگهيا  جلد جوابدار گرفتار ڪري ٺاڪور برادري کي انصاف مهيا ڪنداسين

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو