ناري کنڀڻ جي ڪوشش، جهيڙي ۾ هڪ زخمي

ٺڪراٺو (حضرت گل پٺاڻ) نوجوان ناري کي زوري کنڀڻ جي ڪوشش دوران جهيڙو ٿي پيو، گهر ڀاتين اغوا ڪارن تي سروٽن جو وسڪاري ڪيو جنهن سبب وريام ملڪ نالي همراهه زخمي ٿي پيو. متاثره عورت گلزرين ڀٽي صحافين کي ٻڌايو ته سندس 18 سالن جي نياڻي شازيا کي وريام ملڪ پنج مهينا اڳ اغوا ڪري ويو هو، جنهن بعد اسين سکر ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو ته حاضري تي هوءَ مون سان ملي ۽ گهر اچي وئي. جنهن بعد هو ڌمڪيون ڏيندو رهيو ۽ اڄ ساٿين سميت گهر ۾ گهڙي نياڻي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته جهيڙو ٿيو، هو ڪار ۾ فرار ٿي رهيو هو ته کيس سروٽو لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو. وريام ملڪ جو چوڻ آهي ته ڇوڪري هن کي شادي لاءِ وڪرو ڪئي وئي هئي ۽ بعد ۾ اغوا جو درامو رچائي ڪيس ڪري حاضري تان ڇوڪري کي هو زبردستي وٺي ويا ۽ هاڻي مونکي زال نٿا ڏين.

پهنجو تبصرو موڪليو