نارا ڪئنال ۾ نياڻي ٻُڏي فوت، ٺارو شاهه ۾ مدي خارج منرل واٽر سبب ٻار بيهوش

کپرو/ ٺارو شاهه (نمائندن وٽان) ڳوٺ عبدالخالق لاشاري ويجهو نارا ڪئنال ۾ ٻارنهن سالن جي نينگري ٻڏي فوت ٿي وئي جڏهن ته ٺارو شاهه ۾ مدي خارج منرل واٽر پيئڻ سبب ڇهن مهينن جي ٻارڙي جي حالت نازڪ، دڪاندار گرفتار. سنڌ جي ٻن مختلف شهرن ۾ پاڻي سبب پيش آيل ڌار ڌار واقعن جو تفصل هن طرح آهي. کپرو مان سنڌيار جي نمائندي خادم سروري موجب ڳوٺ عبدالخالق لاشاري ويجهو نارا ڪئنال ۾ نينا ولد آسو ڀيل ٻُڏي فوت ٿي وئي ۽ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ڳولا باوجود لاش نه مليو. وارثن حڪومت کي لاش ڳولڻ ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي.

هوڏانهن ٺاروشاھ مان مختيار بالادي موجب ڳوٺ ظفر آباد ۾ پورهيت راڻو گوپانگ جي ڇهن مهينن جو ٻار مدي خارج منرل واٽر  پيئڻ سبب بيهوش ٿي ويو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاھ ريفرڪيو ويو، وارثن جي احتجاج تي پوليس دڪاندار الهداد رند کي گرفتارڪري ورتو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو