ناجائز اڏاوتن خلاف ڪارروائي، 300 جايون ڊاهي پٽ

شيخ ڀرڪيو( مظفر علي بروهي) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ سکر جي حڪم تي واهن جي ڪپن تي ناجائز اڏاوتن خلاف ڪارروائي ڪرڻ واري حڪم تي جوڊيشل مئجيسٽريٽ عبدالستار گوپانگ، انجنيئر شعيب سمون، ايس ڊي او آبپاشي لقمان ڪنڀر جي اڳواڻي ۾ ٻئي ڏينهن تي به شيخ ڀرڪيو ڀرسان ڊگھ موري ۾ ناجائز اڏاوتن خلاف ڪارروائي ڪندي 300 کان مٿي  دڪان هوٽلون پرائيوٽ اسپتالون ۽ جايون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون آهن.

وڏين مشينن سان وڏين عمارتن کي ڊاهي ڇڏيو جنهن سان هزارين ماڻھو بي گهر ٿيڻ سان گڏ بيروزگار ۽ ماڻھن کي ڪروڙين روپين جو مالي نقصان رسيو آهي. عوام بييارو مددگار ۽ بيوس نظر اچي رهي هئي. هوڏانهن انتظاميه پاران ڪنهن به عوامي رد عمل ۽ اڻوڻندڙ واقعن کي منهن ڏيڻ لا پوليس۽ رينجرس کي طلب ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو