نااهل حڪمران عمران خان ۽ اڳواڻن کي ڪيترو وقت جيل ۾ رکندا

لاهور (ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ جي مرڪزي صدر چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته نااهل حڪمران عمران خان ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن کي ڪيترو وقت جيلن ۾ بند رکندا، انشاءَ الله اهي سڀ جلد عوام جي سامهون هوندا.لاهور جي احتساب عدالت ۾ پيشي تي صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي پرويز الاهي چيو ته پي ٽي آءِ جي باني جي آزادي جو خوف جعلي حڪمرانن کي چين ۾ ويهڻ نه ڏئي رهيو آهي.هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني سان ڳالهين کانپوءِ ئي سياسي ۽ معاشي صورتحال بهتر ٿي سگهي ٿي، سموريون سياسي پارٽيون پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪندي ملڪ ۾ استحڪام ايندو.چوڌري پرويز الاهي جو چوڻ آهي ته عوام ن ليگ کي عام چونڊن ۽ پوءِ ضمني چونڊن ۾ رد ڪري ڇڏيو، فارم 47 واري حڪومت عوام کي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته هر مسئلو ڳالهين ذريعي حل ٿي سگهي ٿو، لڳي ٿو ته ن ليگ ڳالهين لاءِ سنجيده ناهي، ن ليگ اندر ٻه داستان هلي رهيا آهن، هڪ ڳالهين جي حق ۾ آهي ۽ ٻيو فرار ٿيڻ چاهي ٿو .پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي باني پاڪستان جي سلامتي ۽ ترقي لاءِ ڳالهين جي حمايت ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو