پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري وزير بئريسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته نئين مالي سال ۾ پيٽروليم شين جون قيمتون وڌيڪ وڌنديون. هڪ بيان ۾ بئريسٽر سيف چيو ته وفاقي بجيٽ ۾ پيٽروليم شين تي هڪ نئون ٽيڪس لڳايو ويو آهي، جيئن جيئن پيٽروليم شين جون قيمتون وڌنديون آهن، تيئن تيئن هر شيءِ جون قيمتون به وڌنديون آهن.بئريسٽر سيف چيو ته وفاقي بجيٽ غريبن جو دشمن ۽ اميرن جو دوست آهي، پنجاب حڪومت جو بجيٽ به غريبن جو دشمن آهي، پنجاب جي بجيٽ ۾ زرعي شعبي کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪيو ويو آهي.










