نئين سال جي شروعات، سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنون بند رهنديون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نئين سال 2020 جي شروعات ۾ به سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سي اين جي اسٽيشنون بند رهنديون. ڪراچي ۾ جمعي جي رات 10 وڳي کان اچانڪ سي اين جي اسٽيشنون کولڻ جو اعلان ڪيو ويو هو پر وري صبح جو 6هين وڳي بند ڪيون ويون. سوئي سدرن گيس جي ترجمان موجب سڄي سنڌ اندر سي اين جي اسٽيشون معمول مطابق اڄ کولڻيون هيون پر پريشر گهٽ هجڻ ڪري سي اين جي اسٽيشنن کي مسلسل ٻئي ڏينهن تي به بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ترجمان جو چوڻ هو ته پهرين ترجيح گهريلو صارفين کي گيس ڏيڻ آهي البته گيس پريشر بهتر ٿيڻ جي صورت ۾ سي اين جي اسٽيشنون کوليون وينديون. ٻئي طرف پنجاب ۾ سوئي سدرن گيس جي نوٽيفڪيشن کان پوءِ اڄ صبح سان ئي پنجاب جي صنعتن کي 10 ڏينهن بعد گيس جي سپلاءِ بحال ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو