نئون ريفرنس،عمران ۽ بشرا جي جيل ٽرائل جو نوٽيفڪيشن جاري

نئون ريفرنس،عمران ۽ بشرا جي جيل ٽرائل جو نوٽيفڪيشن جاري

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ بشرا بي بي خلاف توشه خاني جي نئين ريفرنس ۾ جيل ٽرائل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.وفاقي حڪومت موجب توشه خاني جي نئين ريفرنس جي جيل ٽرائل جو نوٽيفڪيشن نيب آرڊيننس 1999 جي سيڪشن 16 بي تحت جاري ڪيو ويو.بيان ۾ چيو ويو آهي ته امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي جيڪڏهن نيب عدالت ضروري سمجهي ٿي ته پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين عمران خان ۽ بشرا بي بي جو به جيل ۾ ٽرائل ڪيو وڃي.پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين ۽ بشرا بي بي جي وڪيلن کي جيل ٽرائل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو