مڪاني چونڊ بابت اجلاس،سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جو عزم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ اعجاز انور چوهاڻ جي صدارت هيٺ ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ ڪراچي جي آفيس ۽ مڪاني چونڊن جي انتظامن ۽ تيارين جو جائزو وٺڻ جي سلسلي ۾ِ اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ صوبائي اليڪشن ڪمشنر کي ڊي سي ڏکڻ ڪراچي ڪيپٽن (ر) الطاف حسين ساريو اليڪشن ٽرانسپورٽ پلان ۽ انتظامن بابت مڪمل بريفنگ ڏني. اليڪشن ڪميشن سڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ، حساس پولنگ اسٽيشنن تي سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳائڻ، ٽرانسپورٽ پلان ۽ ٻين اهم ايجنڊا تي غور ڪرڻ جي هدايتون پڻ جاري ڪيون. اجلاس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرز، پوليس، رينجرس ۽ ٻين مختلف لاڳاپيل ادارن جي عملدار پڻ شرڪت ڪئي. ان کان اڳ ڊپٽي ڪمشنر سائوٿ ڪيپٽن (ر) الطاف حسين ساريو صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ اعجاز انور چوهاڻ جي ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ جي آفيس پهچڻ تي آجيان ڪئي ۽ کين گلن جا گلدستا پڻ پيش ڪيا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو