ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پ پ جي برتري، پي ٽي آءِ کي شڪست

ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پ پ جي برتري، پي ٽي آءِ کي شڪست

ڪراچي (نمائندن وٽان )ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت سنڌ جي ٻين ضلعن مان مڪاني ادارن جي چونڊن جا نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي، جنهن ۾ ڪراچي جي 246 يوسيز مان 71 يوسيز جا نتيجا سامهون اچي ويا آهن، جنهن ۾ پيپلز پارٽي 37 يوسيز سان پهرين نمبر تي آهي، پي ٽي آءِ 14 سيٽن سان ٻئي ۽ جماعت اسلامي 14 سيٽن سان ٽئين نمبر تي آهي. ڪراچي ۾ جي يو آءِ (ف) ۽ تحريڪ لبيڪ کي هڪ هڪ سيٽ ملي آهي، جڏهن ته ڏکڻ ضلعي جي چيئرمين شپ جو نتيجو مڪمل ٿي ويو آهي، جنهن ۾ پيپلز پارٽي 26 يونين ڪميٽين مان 15 ۽ تحريڪ لبيڪ کي ڪاميابي ملي آهي. ضلعي ڏکڻ جي 9 تڪن تي انصاف ڪامياب ٿي ويو، هڪ سيٽ تي تحريڪ لبيڪ جو پينل چونڊيو ويو، هڪ سيٽ تي اليڪشن ملتوي ڪئي وئي.
لياري جي 13 مان 11 پ پ کي مليون، هڪ سيٽ پي ٽي آءِ کٽي
لياري ٽائون جي 13 مان 12 سيٽن جي نتيجن جو اعلان ڪيو ويو آهي، جن مان 11 سيٽن تي پيپلز پارٽي ۽ پي ٽي آءِ هڪ سيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.صدر ٽائون جي سمورن 13 سيٽن جا نتيجا اچي ويا آهن، جنهن ۾ پي ٽي آءِ هن وقت تائين 8 سيٽون حاصل ڪيون آهن، جڏهن ته پيپلز پارٽي صدر ٽائون جي 4 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، تحريڪ لبيڪ صدر ٽائون جي هڪ سيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.ملير ٽائون جي 10 مان 5 سيٽن جا نتيجا سامهون اچي ويا آهن، جن مان 4 پيپلز پارٽي ۽ هڪ پي ٽي آءِ کٽي آهي، گلبرگ ٽائون جي 8 مان 3 سيٽن جا نتيجا سامهون اچي ويا آهن ۽ اهي 3 سيٽون جماعت اسلامي کٽي وئي، لياقت آباد ٽائون جي هڪ سيٽ جو نتيجو سامهون اچي ويو آهي، جنهن ۾ جماعت اسلامي ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن ماريپور جي 3 مان 2 سيٽون پيپلز پارٽي ۽ هڪ پي ٽي آءِ کٽي.ڪيمرا ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جي 2 سيٽن جا نتيجا سامهون اچي ويا، پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ (ف) هڪ هڪ سيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته پيپلز پارٽي جي ابراهيم حيدري ٽي ايم سي هڪ هڪ سيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪئي.
ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ کي وڏو ڌڪ، ضلعي صدر پاڻ يوسي اليڪشن هارائي ويو
ڪراچي اليڪشن ۾ هينئر تائين جو سڀ کان وڏو اپ سیٹ سامهون اچي ويو آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف ڪراچي جو صدر ۽ ڪراچي مان صوبائي اسيمبلي جو ميمبر خرم شير زمان يوسي اليڪشن هارائي ويو آهي.صدر ٽائون يوسي 11 تان پيپلز پارٽي جي سيد نجمي عالم کان خرم شير زمان کي شڪست ڏني وئي، ان سيٽ تي نجمي عالم 2 هزار 696 ووٽ حاصل ڪيا.خرم شير زمان ڏهن سالن کان هن علائقي مان ايم پي اي آهي ۽ پي ٽي آءِ طرفان کيس ميئر جو اميدوار به قرار ڏنو پيو وڃي، هو صوبائي اسيمبلي جو ميمبر هئڻ باوجود يوسي چيئرمين جي سيٽ لاءِ وڙهندو رهيو.ٻئي طرف پولنگ ختم ٿيڻ کان ڪلاڪ پوءِ به نتيجن جو اعلان ڪيو پيو وڃي ۽ نتيجن جي رفتار سست آهي، سينٽرل، ڪورنگي ۽ مشرقي ضلعن جا نتيجا دير سان اچڻا آهن.
حيدرآباد ۾ پ پ جي ڪاميابي
حيدرآباد ڊويزن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن جو سلسلو جاري آهي جتي پيپلز پارٽي حيدرآباد ڊويزن جي 9 ضلعن جي 3101 سيٽن مان ڪل 870 سيٽون حاصل ڪري ورتيون آهن. آزاد اميدوار 70 سيٽون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن جڏهن ته تحريڪ انصاف 100، جماعت اسلامي 69 ۽ جي ڊي اي 11 سيٽون حاصل ڪيون آهن.
اندرون سنڌ به پ پ قيادت جا اميدوار ڪامياب
پيپلز پارٽي دادو، مٽياري، ڄامشورو، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو محمد خان، بدين، ٺٽو ۽ سجاول جي ضلعي ڪائونسلن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته ٽنڊو الهيار ميونسپل ڪميٽي تي به ڪاميابي حاصل ڪئي.ميونسپل ڪميٽي دادو، بول هاري، مٽياري، جوهي، ڪوٽڙي ۽ سيوهڻ شريف ۾ پيپلز پارٽي اڳتي آهي. ميونسپل ڪميٽي ميهڙ ۾ لياقت جتوئي جي حمايت ۾ پي ٽي آءِ اميدوار ڪامياب ٿيو
ڪراچي ۾ نتيجا اچڻ ۾ غير معمولي دير
ڪراچي جي 7 ضلعن ۾ بلدياتي چونڊن کانپوءِ ووٽن جي ڳڻپ کانپوءِ به نتيجا اچڻ ۾ غيرمعمولي دير ٿي رهي آهي.اليڪشن ڪمشنر سنڌ سمورن ضلعي رٽرننگ آفيسرن کي هنگامي خط لکي ڇڏيو آهي.سنڌ جي اليڪشن ڪمشنر جو چوڻ آهي ته سياسي پارٽين پولنگ ايجنٽن کي فارم 1، 11 نه ڏيڻ جي شڪايت ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو