مڙس کي بچايو، عورت نياڻيون ميڙ وٺي ايس پي وٽ پهچي وئي، داد نه ٿيو

ڪنڌڪوٽ(ڊ ر) پوليس هاءِ ڪورٽ جو حڪم ٿڏي ڇڏيو، مڙس اغوا ڪيو ويو آهي کيس بچايو نه ته قتل ٿي ويندو. اهڙو اظهار ڳوٺ صاحب خان بھلڪاڻي جي رھواسڻ 60 سالا مسمات ميھرگل بھلڪاڻي ايس ايس پي آفس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته منهنجا ڏير دشمن آهن، جيڪي منهنجي مڙس کي زوري اغوا ڪري ويا آهن. بي سيڪشن پوليس تي فرياد کڻي ويس پر هنن ڪجهه نه ڪيو هاڻي نياڻيون ميڙ وٺي ايس ايس پي آفس آئي آهيان پر ڪو ٻڌڻ وارو ئي ناهي. هن الزام هنيو ته سندس ڏير زمين ڦٻائڻ لاءِ ظلم ڪري رهيا آهن. اڳ ۾ منهنجي مڙس کي گهر ۾ قيد ڪيو هئائون ۽ مونکي گهران ڪڍي ڇڏيائون ۽ ڪاري ڪري مارن چاهن پيا. منهنجو مڙس وجهه وٺي ڪراچي ويو ۽ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس ڪيو، هاءِ ڪورٽ تحفظ جو حڪم جاري ڪيو جنهن تي پوليس عمل نٿي ڪري.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو