مڙس زال کي قتل ڪري فرار ٿي ويو

ڪنڌڪوٽ (ڊ ر) جمال ٿاڻي جي حد ڳوٺ راجا بجاراڻي ۾ مڙس خان محمد نندواڻي پسٽل جا فائر ڪري پنهنجي گهرواري مسمات عظيمان کي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن بعد جوابدار موقعي واري هنڌ کان فرار ٿي ويو. واقعي جو اطلاع ملڻ تي حد جي ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولا جو لاش اسپتال منتقل ڪيو، جڏھن ته واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو ۽ آخري اطلاعن تائين ڪيس به داخل نه ڪيو ويو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو