مڇرن سبب ننڍ حرام آهي، اسپري ڪرايو، احتجاج

ٽنڊوباگو (رپورٽر)آس پاس جي علائقن ۾ برساتن کان پوء  گندو پاڻي نيڪال نه ٿيو آھي جنھن جي ڪري شھر توڙي ڳوٺن ۾ مڇرن ماڻھن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي سوين ماڻھو جيڪي شھرن ۽ ڳوٺن ۾ رھن ٿا مڇرن جو کاڄ ٿي مليريا ۾ وٺجي ويا آھن. ان سلسلي ۾ شھرين عبيدالرحمان سمون، جاويد ميمڻ، شائق احمد،  ۽ ٻين سخت احتجاج ڪندي چيو ته مليريا کاتي، ميونسپل ڪميٽي ۽ پبلڪ ھيلٿ بدين وٽ  فنڊ ھوندي سمورا ادارا خاموش تماشائي بڻيل آھن ھنن ڊي سي بدين کان مطالبو ڪيو ته مڇرن جي خاتمي لاء شھر توڙي ڳوٺن ۾ اسپري ڪرائي مڇرن تي ضابطو آڻي شھرين کي مڇرن جي آزار ۽ مليريا کان بچايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو